13 جمعرات , دسمبر 2018

سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن کي گرمين جي فيس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن کي گرمين جي فيس وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان ٻارن جي والدين جي لاءِ پبلڪ نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم به ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ خانگي اسڪولن ۾ فيسن بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٿي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تعليم قوم جي ترقي جي بنياد آهي ۽ 16 سالن تائين مفت تعليم ڏيڻ رياست جي ذميواري آهي، رياست پيسا ڏئي عام ماڻهو جي ٻارن کي پڙهائي يا انهن اسڪولن کي ٽيڪ اوور ڪري. چيف جسٽس چيو ته خانگي اسڪولن ۾ سرڪاري اسڪولن کان وڌيڪ ٻار پڙهي رهيا آهن، اِها حڪومتن جي نااهلي آهي جهن تعليم کي ترجيح ناهي ڏني. هن ريمارڪس ڏنا ته جيتري فيس خانگي اسڪول وٺندا آهن غريب جو ٻار اتي نٿو پڙهي سگهي، ڇا اسان پاڻ خانگي اسڪولن جي فيسن کي ڏسون؟ جسٽس ثاقب نثار وڌيڪ چيو ته پنجاب ۾ دانش  اسڪول ۾ بڻيا هئا پر اُهي به ويا. سلمان اڪرم راجا ٻڌڻي دوران چيو ته آئون 1500 کان 3000 رپيا ماهوار فيس وصول ڪندڙن جي نمائندگي ڪري رهيو آهيان، جيڪڏهن 2 مهينن جي فيس نه ورتي ته اسان کي پنهنجي اسڪول کي بند ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته والدين کي ٻڌڻ کان سواءِ توهان کي ريليف نٿا ڏئي سگهون، پهريون ڀيرو گرمين جي فيس ادا نه ڪندڙ والدين کي خوشي ٿيندي ۽ والدين اها فيس ٻارن جي تفريح تي لڳائيندا. جسٽس ثاقب نثار چيو گرمين جي فيس نه وٺڻ واري معاملي تي پبلڪ نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے