16 جمعہ , نومبر 2018

بهترين ڪارڪردگي تي ئي ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري سگهجي ٿو: پرڏيهي کاتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته گري لسٽ ۾ رهندي اسان کي ايف اي ٽي ايف جي ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو ۽ ڪارڪردگي بهتر ٿي ته گري لسٽ مان نڪري سگهون ٿا نه وري مسئلو ٿيندو. ياد رهي ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي اجلاس ۾ پاڪستان کي دهشتگردن جي مالي سهڪار ڪندڙ ملڪن جي گري لسٽ ۾ شامل رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب هفتيوار بريفنگ دوران ڊاڪٽر فيصل ٻڌايو ته فيبروري ۾ ٻڌائي ڇڏيو هو ته پاڪستان کي جون ۾ گري لسٽ ۾ وڌو ويندو، پاڪستان ۽ ايف اي ٽي ايف ۾ ايڪشن پلان تي عملدرآمد تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، گري لسٽ ۾ رهندي اسان کي ان ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو، ڪارڪردگي بهتر ٿي ته گري لسٽ مان نڪري سگهون ٿا نه ته مسئلا ٿيندا ڇو ته پهرين به ڪاڪردگي جي بنياد تي گري لسٽ مان ٻاهر آيا هئاسين. والاريل ڪشمير بابت  ترجمان جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي جارحيت جاري آهي، گڏيل قومون وادي ۾ ڀارتي فوج جي بربريت جي جاچ ڪرائي ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب مسئلي جو سياسي حل ڪڍي.  ترجمان موجب يورپي يونين کي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون نظر نٿيون اچن، يورپي يونين ڀارتي ظلمن تي گڏيل قومن جي رپورٽ جي روشني ۾ بندوبست ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر فيصل چيو ته قومي سلامتي جي صلاحڪار ناصر جنجوعا جي استعيفيٰ سان پاڪ افغان ڳالهيون متاثر ٿينديون، پاڪستان افغانستان ۾ مفاهمت ۽ امن جي سمورن بندوبستن جي حمايت ڪندو آهي، افغان قيادت ۾ مفاهمتي بندوبستن ۾ سموريون ممڪن سهولتون به ڏينداسين. ترجمان چيو ته  سمورين افغان ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي ۽ افغان طالبان کي سيز فائر آڇ قبول ڪرڻ گهرجي، پاڪستان افغان مفاهمتي عمل ۾ ڀرپور سهڪار ڪري رهيو آهي پر افغان مسئلي جو حل افغانين جي هٿ ۾ آهي. هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا سان اعتماد سازي ۾ بهتري آئي آهي، جنرل نڪلسن جو پاڪستان بابت بيان حقيقت جي ابتڙ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے