14 بدھ , نومبر 2018

تڪراري انٽرويو ۽ بغاوت جو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي نواز شريف ۽ شاهد خاقان عدالت طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ ممبئي حملن بابت تڪراري بيان تي بغاوت جو ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست تي اڳوڻن وزيراعظمن نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي کي 29 جون تي طلب ڪري ورتو آهي.  عدالت ٻنهي کي پوزيشن واضح ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. درخواست گذار اڳوڻن وزيراعظمن خلاف بغاوت جي رٽ پٽيشن داخل ڪندي موقف اختيار ڪيو آهي ته نواز شريف جو تڪراري انٽرويو ملڪ ۽ قوم سان غداري آهي، جڏهن ته شاهد خاقان قومي سلامتي ڪميٽي جي ڪارروائي بابت نواز شريف کي آگاهه ڪيو، جنهن تي ان خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي، جنهن تي جسٽس مظاهر علي جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ حڪم جاري ڪيو. درخواست اظهر صديق ايڊووڪيٽ طرفان داخل ڪرائي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آءِ جي بدلي ڪيس: اعظم سواتي جي آءِ ٽي کي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سائنس ۽ ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير اعظم سواتي آءِ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے