22 جمعرات , نومبر 2018

روسي دفاعي نظام جي خريداري تي آمريڪا جي ترڪي کي ڌمڪي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) روس کان جديد ميزائل ڪيرائڻ وارو دفاعي نظام خريد ڪرڻ تي آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر ترڪي کي ايف 35 جهازن جي فراهمي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. آمريڪي بچاءَ واري ڪمپني لاڪ هيڊ مارٽن گذريل هفتي ئي هڪ ايف 35 جهاز ترڪ اختيارين حوالي ڪيو هو پر آمريڪي نائب پرڏيهي وزير ويس مچل خبردار ڪيو آهي ته ان پروگرام کي هاڻ به بند ڪري سگهجي ٿو. آمريڪي اعليٰ اختيارين طرفان سينيٽ اجلاس دوران ٻڌايو ويو ته ترڪي جي پائليٽن جي ٽريننگ مڪمل ٿيڻ تائين جديد ترين جنگي جهاز آمريڪي سرزمين تي ئي رهندا، جنهن سان آمريڪي پرڏيهي وزارت کي ان معاملي ۾ مداخلت لاءِ وڌيڪ وقت ملي ويندو. ويس مچل سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت ڪميٽي کي ٻڌايو ته ان پروگرام ذريعي آمريڪا جهازن جي منتقلي تائين انهن کي پنهنجي تحويل ۾ رکندو آهي، اهو عام طور تي هڪ ڊگهي تربيتي پروگرام کانپوءِ ٿيندو آهي. سندس چوڻ هو اسان وٽ قانوني اختيار آهي ته اسان قومي سلامتي معاملن تي کٽڪن سميت خاص حالتن ۾ جهازن جي منتقلي روڪڻ جي اجازت ڏيون. ترڪ حڪومت جا واشنگٽن سان روس جي ميزائل ڪيرائڻ واري دفاعي نظام ايس 400 سميت مختلف معاملن تي اختلاف هلي رهيا آهن. آمريڪي قانون ساز ايس 400 دفاعي نظام خريدڻ جي صورت ۾ ترڪي کي جواب ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. هوڏانهن ترڪي جو موقف آهي ته روس کان ميزائل ڪرائڻ وارو ايس 400 دفاعي نظام خريدڻ جو معاهدو اڳ ئي طئي ٿي چڪو آهي ۽ روس به ترڪي کي دنيا جو جديد ترين دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪي سينيٽرن جو صدر ٽرمپ کان محمد بن سلمان خلاف ڪارروائي جو مطالبو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪي ڊيموڪريٽ ۽ ري پبلڪن پارٽي جي سينيٽرن صدر ٽرمپ کان …

هڪ تبصرو

  1. زبردست

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے