17 ہفتہ , نومبر 2018

آمريڪا سبب ٻڌائڻ بنا اوچتو ڀارت سان ڳالهيون ملتوي ڪري ڇڏيون

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا سبب ٻڌائڻ بنا اوچتو ڀارت سان اعليٰ سطحي ڳالهيون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽن موجب آمريڪا ۽ ڀارت وچ اعليٰ سطحي ڳالهيون ايندڙ هفتي واشنگٽن ۾ ٿيڻيون هيون. آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو ڀارتي هم منصب سشما سوراج کي فون ڪري ان حوالي سان آگاهي ڏني آهي. مائيڪ پومپيو جو چوڻ هو ته ڳالهيون انٽڙ سببن جي ڪري ملتوي ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ڳالهيون ملتوي ٿيڻ باوجود آمريڪي اختيارين ڀارت کي فوري طور نئين تاريخ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب سشما سوراج ۽ بچاءَ واري وزير کي ايندڙ هفتي آمريڪي هم منصبن سان ملاقات ڪرڻي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے