16 جمعہ , نومبر 2018

فٽبال ورلڊ ڪپ: جاپان ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچي ويو، سينيگال ڊرامائي انداز ۾ ٻاهر

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ جي گروپ مقابلن ۾ ڪولمبيا ۽ جاپان جي ٽيمن پري ڪوارٽر فائنل مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سينيگال جي ٽيم فيئر پلي ٽاءِ بريڪ تي ٽورنامينٽ کان ٻاهر ٿي وئي. روس ۾ جاري فٽبال جي عالمي مقابلن ۾ گروپ ايڇ جي ميچ ۾ ڪولمبين ٽيم سينيگال کي 0-1 تان شڪست ڏئي ايندڙ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. ساڳي گروپ جي ٻي ميچ ۾ پولينڊ جي ٽيم جاپان کي ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ گول تان شڪست ڏني. پولينڊ جي ٽيم ته اڳ ئي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ٿي وئي هئي پر ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ وڃڻ لاءِ اصل مقابلو جاپان ۽ سينيگال جي ٽيمن ۾ وچ ۾ هو. ٻنهي ٽيمن کي پنهنجي آخري ليگ ميچن ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو، جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن جا پوائنٽ برابر ٿي ويا ۽ هڪ ٽيم کي ايندڙ مرحلي تائين پهچائڻ لاءِ فيصلو فيئر پلي ٽاءِ بريڪ تي ڪيو ويو. ايندڙ مرحلي ۾ وڃڻ لاءِ فيصلو گولن جي بنياد تي ٿيڻو هو پر ٻنهي ٽيمن جا مخالف ٽيمن خلاف ڪيل گول برابر هئا، جڏهن ته انهن خلاف اسڪور ٿيندڙ گولن جو انگ به ساڳيو هو، جنهن کانپوءِ جاپان کي سينيگال جي مقابلي ۾ ٻه ييلو ڪارڊ گهٽ ملڻ تي پري ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ جو حقدار قرار ڏنو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے