20 منگل , نومبر 2018

نيوز: ڪنڌ ڪوٽ: چونڊ فارم بحال ٿيڻ مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي: عبدالرئوف

kandhkot: The election form is on the back of the opponents reinstatement: Abdul Raufڪنڌ ڪوٽ پي ايس 4 تي بيٺل پ پ اميدوار عبدالرئوف کوسي چيو آهي ته فارم بحالي بابت سندس حق ۾ آيل فيصلو مخالفن جي منهن تي چماٽ آهي.

قافلي جي صورت ۾ پهچڻ تي ڪارڪنن پاران آجيان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي عبدالرئوف چيو ته هو گذريل چونڊن کان وڌيڪ ووٽ کڻي مخالفن کي بدترين شڪست ڏيندو، مخالف رڳو هٿ ٺوڪيا الزام هڻڻ ۾ مصروف آهن.

هن چيو ته سندس سامهون بيٺل اميدوار جي ڪا به سياسي حيثيت ناهي، گهڻن رابطن بعد کيس ان پارٽي ٽڪيٽ ڏني جنهن جو مستقبل ۽ ووٽ ناهي.

سندس چوڻ هو ته پ پ اڪيلي پارٽي آهي جيڪا عوام سان گڏ آهي، عوام پيپلزپارٽي کي ڪامياب ڪندو……………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : اسلام آباد: پي ايس ايل چوٿين ايڊيشن جي ڊرافٽنگ تقريب

پاڪستان سپر ليگ جي چوٿين ايڊيشن لاءِ رانديگرن جي ڊرافٽنگ جي تقريب اسلام آباد ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے