18 اتوار , نومبر 2018

مون سان گڏ ڪم ڪندڙ اداڪار اڄ نوجوان اداڪارائن سان رومانس پيا ڪن: منيشا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا منيشا ڪوئرالا چيو آهي ته فلم انڊسٽريءَ ۾ جتي اداڪارائن کي وڌندڙ عمر سبب گهٽ ڪردارن جي آڇ ڪئي ويندي آهي، اتي ئي وري اداڪار پاڻ کان ننڍي عمر جي اداڪارائن سان گڏ ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪندا آهن. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ منيشا ڪوئرالا جو چوڻ هو ته مرد اداڪارن جو فوڪس سدائين اداڪاري ئي رهي، ايمانداري سان ڳالهه ڪئي وڃي ته جن اداڪارن سان گڏ مان ڪم ڪيو، اهي اڄ 20 ورهين جي اداڪارائن سان گڏ فلمن ۾ رومانس ڪري رهيا آهن پر ڪا به اداڪارا جيڪڏهن 40 سالن جي ٿئي يا ان عمر کان وڌي ته کيس رڳو ماءُ جو ڪردار نڀائڻ جي آڇ ٿيندي آهي، مون کي اها ڳالهه ڪڏهن به سمجهه ۾ ناهي ايندي. هن چيو اميد ته ايندڙ وقت ۾ اداڪارائن لاءِ به وڌ کان وڌ ڪردار لکيا ويندا، ان ۾ وقت لڳندو پر اهو ضرور ٿيندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

”جب هيري ميٽ سيجل“ فلاپ فلم هئي: شاهه رخ خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ رخ خان اعتراف ڪندي چيو آهي ته فلم ”جب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے