18 اتوار , نومبر 2018

پولنگ جي وقت ۾ اضافو، صبح 8 کان شام 6 وڳي تائين ووٽنگ ٿيندي

Sindhinews,election2018اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن 25 جولاءِ تي رٿيل عام چونڊن لاءِ پولنگ جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب 25 جولاءِ تي پولنگ جو وقت صبح 8 وڳي کان شام 6 وڳي تائين هوندو ۽ پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي 10 ڪلاڪن تائين جاري رکيو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پولنگ جي وقت ۾ هڪ ڪلاڪ اضافي جو مقصد چونڊ عمل ۾ عوام جي شرڪت يقيني بڻائڻ آهي. اليڪشن ايڪٽ موجب پولنگ جو وقت گهٽ ۾ گهٽ 8 ڪلاڪ مقرر آهي، ملڪي تاريخ ۾ پهريون موقعو آهي پولنگ جي ڏينهن کان اڳ ئي پولنگ جو وقت وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اليڪشن ايڪٽ تحت پولنگ واري ڏينهن مخصوص حالتن ۾ اليڪشن ڪميشن کي اختيار حاصل آهي ته اها هڪ کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ جو وقت وڌائي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف پولنگ جو پڻ پولنگ جو وقت رات 8 وڳي تائين وڌائڻ جو مطالبو ڪيو هو جيڪو اليڪشن ڪميشن رد ڪري چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے