20 منگل , نومبر 2018

چيف جسٽس کي ڪو به حق ناهي ته کليل عدالت ۾ ججن جي توهين ڪري: جسٽس شوڪت عزيز صديقي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو آهي ته چيف جسٽس کي ڪو به حق ناهي ته کليل عدالت ۾ ججن جي توهين ڪري، مذاق بڻائي ڇڏي آهي ڪنهن جو چهرو سٺو نه ٿو لڳي ته ان جي توهين شروع ڪري ڇڏيو، هو اسان جي عزت نه ڪندو ته اسان به پنهنجي اداري جي دفاع لاءِ جواب ڏيڻ جو حق رکون ٿا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته چيف جسٽس کي دردمنداڻي اپيل ڪيان ٿو. هن چيو ته چيف جسٽس کي حق حاصل آهي ته هو اسان جي قانون خلاف ڪيل فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي پر کيس ڪو به حق ناهي ته اوپن ڪورٽ ۾ ججن جي توهين ڪري. سندس چوڻ هو ته هو اسان جي عزت نه ڪندو ته اسان کي به پنهنجي اداري جي دفاع لاءِ جواب ڏيڻ جو حق آهي. جسٽس شوڪت عزيز صديقي چيو ته مذاق بڻائي ڇڏيو آهي ڪنهن جو چهرو سٺو نه ٿو لڳي ته ان جي توهين شروع ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے