13 منگل , نومبر 2018

اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال عدالت کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي

Former Home Minister Ahsan Iqbal has taken the unlawful apology from the courtاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن اڳواڻ ۽ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال توهين عدالت ڪيس ۾ عدالت کان غير مشروط معافي وٺي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس مظاهر علي نقوي جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ اڳوڻي گهرو وزير احسن اقبال خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. احسن اقبال طرفان عدالت ۾ تفصيلي جواب جمع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪالهه سپريم ڪورٽ هڪ شخص کي نااهل ڪيو، هو سپريم ڪورٽ ٻاهران چئي رهيو هو ته مان ڪڏهن به معافي نه ورتي آهي پر مان عدليه جي عزت ڪريان ٿو.  جسٽس مظاهر اڪبر احسن اقبال سان ڳالهائيندي چيو ته توهان جي لکت جواب ۾ معافي لاءِ اهي لفظ نه آهن جيڪي قانون موجب هئڻ گهرجن.  احسن اقبال چيو ته مان موت جي منهن مان آيو آهيان، منهنجي لاءِ عهدي جي ڪابه حيثيت ناهي، عدالت کان غير مشروط معافي وٺان ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف اين آر او جي ڪوشش ۾ آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چين کان جيترو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے