13 جمعرات , دسمبر 2018

عام چونڊن کانپوءِ  عمران خان ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي: احسن اقبال

Imran Khan proved that he is not the leader of the leadership: Ahsan Iqbalلاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته 25 جولاءِ تي عمران خان جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي، ن ليگ 2013ع کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ڪندي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي احسن اقبال چيو ته ن ليگ جي چونڊ مهم عوام هلائي رهيو آهي، ليگي حڪومت کان اڳ ۾بجلي نه هئي، عوام هاڻي شڪر ڪري ٿو ته رات جو بجلي اچي ٿي. هن چيو ته مسلم ليگ ن خلاف هڪ طرفيون ڪارروايون ٿي رهيون آهن، عوام جون همدرديون مسلم ليگ ن جي پلڙي ۾ اچي رهيون آهن، جڏهن ته ملڪ کي ترقي ڏيندڙ ڪٽهڙي ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته 25 جولاءِ تي مسلم ليگ ن 2013ع کان وڏي ڪاميابي حاصل ڪندي. احسن اقبال چيو ته عمران خان جو يوٽرن وٺڻ سندس سنجيدگي جو اظهار آهي، جڏهن فيصلا ڪيا وڃن ته يوٽرننه ورتو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے