16 جمعہ , نومبر 2018

قصور ۾ عدليه مخالف ريلي، اڳوڻي مسلم ليگ ن ايم اين اي سميت چئن جوابدارن کي سزا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ن ليگي ايم اين اي شيخ وسيم سميت چئن جوابدارن کي توهين عدالت ڪيس ۾ هڪ مهينو قيد ۽ هڪ هڪ لک رپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ قصور ۾ عدليه مخالف ريلي بابت توهين عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.  عدالت اڳوڻي ايم اين اي شيخ وسيم،  احمد اياز، جميل خان ۽ ناصر خان کي هڪ هڪ مهينو قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي. جوابدارن تي هڪ هڪ لک رپيه ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي. عدالت جوابدارن نعيم صفدر ۽ لطيف کي بري ڪري ڇڏيو آهي. ڪيس ۾ سزا مليل ٻين جوابدارن ۾ مسلم ليگ ن قصور جو سينئر نائب صدر جميل خان، اڳوڻو بيت المال جو چيئرمين ناصر خان ۽ اڳوڻو بلديا چيئرمين احمد لطيف شامل آهن.  عدالت طرفان سزا ملڻ بعد پوليس جوابدارن کي عدالتي ڪمري مان گرفتار ڪري ورتو. عدالت ٻن جوابدارن ناصر خان ۽ جميل خان کي رحم جي اپيل ڪرڻ تي آزاد ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے