15 جمعرات , نومبر 2018

ڊاڪٽر فاروق ستار ووٽرن جي گهيري ۾ اچي ويو، ڪارڪردگي بابت سخت پڇاڻو

Dr Farooq Sattar arrived in the vicinity of the voters, asked a question about performanceڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار پنهنجي تڪ کارادر جو دورو ڪيو ۽ جمعي جي نماز جي ادائيگي لاءِ ميمڻ مسجد ۾ هليو ويو جتي نمازين سندس گهيرو ڪيو. هڪ شهري چيو ته مون کان بهادر آباد ۾ هٿيارن جي زور تي کل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي،  الله کان معافي وٺ فاروق ستار،  25 ورهين کان هٿيارن جي زور تي کلون ڦري رهيا آهيو، هاڻي ووٽ وٺڻ آيو آهين. ووٽرن چيو ته اسان هر ڀيري ايم ڪيو ايم وارن کي ووٽ ڏيون ٿا، اڳواڻن وٽ ته لينڊ ڪروزر اچي ٿو پر عوام جي حالت ساڳي ئي آهي ۽ هاڻي مسجد ۾ ووٽ وٺڻ اچي ويو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته جيڪڏهن هاڻي کين چونڊيو ويو ته انسان جا ٻار ٿي ڪم ڪنداسين، توهان اسان کي ووٽ ڏيو هن ڀيري صحيح نموني ڪم ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے