16 جمعہ , نومبر 2018

صديق الفاروق چيف جسٽس خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )مسلم ليگ ن اڳواڻ صديق الفاروق چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. صديق الفاروق طرفان داخل ڪيل ريفرنس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ٺيڪيدار شاڪر علي جي چيف جسٽس تي رشوت وٺڻ جي الزامن جي جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته جاويد  چوڌري کي ڏنل انٽرويو مان ثابت ٿئي ٿو ته چيف جسٽس ن ليگ ۽ نواز شريف خلاف بغض ۽ڪاوڙ رکي ٿو. سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت جي مدي ۾ واڌ جي ڪيس ۾ چيف جسٽس طرفان ڏنل رمارڪس مان لڳي ٿو ته هو نيب جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي. ريفرنس ۾ اهو به الزام هنيو ويو آهي ته چيف جسٽس عمران خان طرفان  گهر جي جعلي اين او سي جمع ڪرائڻ تي ڪابه ڪارروائي نه ڪئي. ريفرنس موجب سرڪاري آفيسرن، پارليامينٽ ۽ وزيرن خلاف بازاري ٻولي استعمال ڪئي پئي وڃي، چيف جسٽس مختلف ڪيسن ۾ سياسي بيان جاري ڪيا آهن. صديق الفاروق چيف جسٽس خلاف ريفرنس ۾ چيو آهي ته چيف جسٽس ثاقب نثار متروڪه وقف املاڪ ملڪيت جي ڪيس ۾ منهنجي خلاف ذاتي نوعيت جا رمارڪس ڏنا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Najam Sethi to take legal action against PCB

نجم سيٺي پي سي بي کي وڌيڪ هڪ قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو

لاهور ( اسپورٽس نيوز ) اڳوڻي پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي پي سي بي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے