18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: ڪرمپور: پوليس جي ڪارروائي، ٻن عورتن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو

karampur: Police abducted two women from kidnappingڪرمپور ۾ پوليس ڪارروائي ڪري قمبر شهدادڪوٽ جي ٻن عورتن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.

ڪچي واري علائقي ۾ ڪرمپور پوليس ڪارروائي قمبر شهدادڪوٽ جي پٺاڻي خاتون ۽ حنيفان کي اغوا ٿيڻ کان بچايو.

ايس ايڇ او شاهد ميمڻ موجب هو نفري سان ٺوڙي پل بيگاري پهتا ته جوابدارن مٿن فائرنگ ڪري ڏني، جوابدار اونداهه جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا، جنهن بعد ٻن عورتن کي هٿ ڪري وارثن کي اطلاع ڪيو ويو.

بازياب عورتن جو چوڻ ھو ته ڪجھه ڏينهن اڳ غلط نمبر تان محبوب تيغاڻي ڳالهائي فراڊ ذريعي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

هوڏانهن عورتن جي وارثن ايس ايڇ او ڪرمپور کي هار پارايا………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: پنگريو: بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ڪري نينگر فوت

پنگريو ڀرسان ڳوٺ ڌرياءَ  خان لغاري جي رھواسي پرائمري استاد امتيازعلي لغاري جو  پٽ ڪرنٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے