22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ٽنڊوغلام حيدر: ڳوٺ حاجي خان چانڊيو تي پوليس  چڙهائي، چار ڄڻا کنڀي گم، ڌرڻو

Tando Ghulam Hyder: Village Haji khan chandio under custody, 4 people kidnapped, Protest*ٽنڊوغلام حيدر ڀرسان ڳوٺ حاجي خان چانڊيو تي پوليس پاران  بنا جواز  چڙهائي  ڪري نينگر سميت ٽن ڄڻن کي کنڀي کڻي وڃڻ خلاف بدين-حيدرآباد روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڳوٺ حاجي خان چانڊئي جي رهواسين پوليس جي اهڙي عمل خلاف حيدرآباد –بدين روڊ تي ڌرڻو هڻي ٽي ڪلاڪ روڊ بند ڪري ڇڏيو..

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ ٽنڊوغلام حيدر ۽ متارو هوٽل پوليس  جي  اهلڪارن چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گهرن ۾ گهڙي عورتن ۽ ٻارڙن کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو آهي.

 هنن چيو تھ پوليس بنا جواز چڙهائي ڪري 8 ورهين جي ضمير چانڊيو، 75 ورهين  جي ڪنڊو چانڊئي ۽  70 ورهين جي ڪريمداد چانڊيو کي کنڀي کڻي  وئي آهي.

هوڏانهن ڌرڻي ۾ شامل عورتن سياڻي چانڊئي  شمع ، حاجران ۽ ليليٰ چانڊئي  پاڻ مٿان ٿيل تشدد جا نشان ۽ ٿيل تذليل ڏيکاريندي ٻڌايو تھ   پوليس اهلڪارن  کين  وارن مان جهلي گهليو  ۽  ڪپڙا ڦاڙي ليڙون ليڙون ڪري ڇڏيا.

هنن ٻڌايو تھ  پووليس بناجواز چڙهائي ڪري چئن عورتن سميت  پنجن معصوم ٻارڙن کي زخمي ڪيو آهي.

مظاهرين  وسوارن کان مطالبو ڪيو تھ پوليس جي بنا جواز چڙهائي جو نوٽِس وٺي کين انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪوي وڃي.

هوڏانهن  معزز  شخصيت علي شير چانڊئي ۽ ڊي ايس پي ٽنڊوغلام حيدر ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ : ننگرپارڪر: 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

پوري دنيا جيان 12 ربيع اول جي مناسبت سان آقا جي آمد مرحبا جي گونج  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے