18 اتوار , نومبر 2018

نيوز: سيوهڻ ۾اجلاس، ايس يو پي ۽ پي ٽي آءِ اميدوارن هڪٻئي جي حق ۾هٿ کنيو

Sehwan, SUP and PTI candidates sworn into one another* سيوهڻ ۾ پي ٽي آءِ ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي،  جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ جي اجلاس ۾ ايس يو پي جي چئن اميدوار پي ٽي آءِ  ۽ پي ٽي آءِ جا 3 اميدوارن  ايس يو پي  ۽ ڄامشوري اتحاد جي حق ۾ هٿ کڻي ويا.

سيوهڻ  ۾  پي ٽي آءِ ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جي ڊي اي ۽ فنڪشنل ليگ جو گڏيل اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چئن اميدوارن  پي ٽي آءِ  جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو  ۽ ان سان گڏ  پي ٽي آءِ جا 3 اميدوار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ڄامشوري اتحاد جي حق ۾ هٿ کڻي ويا.

اجلاس کانپوءِ  لياقت جتوئي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اين اي 234 ۾ ايس يو پي جو اميدوار غلام مصطفيٰ چانڊيو  جي حق ۾ هٿ کڻي ويو آهي جڏهن ته اين اي 235 تي ايس يو پي جو اميدوار محمد خان چنا پي ٽي آءِ جي اميدوار ڪريم خان جتوئي جي حق ۾ هٿ کڻي ويو .

هن چيو ته  پي ايس 84 ميهڙ تي  ايس يو پي اميدوار سڪندر سوڍر پي ٽي آءِ جي اميدوار صداقت جتوئي  جڏهن ته پي ايس 86 جوهي  تي ايس يو پي جو اميدوار غلام قادر لغاري پي ٽي آءِ جي اميدوار ڊاڪٽر بنده لغاري  جي حق ۾ هٿ کڻي ويا .

لياقت جتوئي چيو ته پي ٽي آءِ جا ٽي اميدوار سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ڄامشوري اتحاد جي حق ۾ هٿ کڻي ويا ، جن ۾ پي ايس 18  ٿاڻو بولا خان تي پي ٽي آءِ اميدوار جاويد خٽڪ، ڄامشورو اتحاد جو اميدوار ملڪ چنگيز جي حق ۾ هٿ کنيو.

پي ايس 82 ڪوٽڙي تي  پي ٽي آءِ اميدوار ملڪ پهاڙ  ڄامشوري اتحاد جي اميدوار ڊاڪٽر سڪندر شوري جي حق ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو.

پي ايس 80 سيوهڻ ۾ گڏيل ٽنهي پارٽين جي اميدوارن هٿ کڻڻ  وارو  فيصلو نه ٿي سگهيو آهي .

لياقت جتوئي  وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ اين اي 233 تي نامزد ايس يو پي پارٽي جي اين اي جي سيٽ تي اميدوار سيد جلال محمود شاهه جي ڀرپور حمايت ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ :  قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ  حسن  کي مٽي ماءُ حوالي

ڪراچي جي قائد آباد ڌماڪي  ۾ مارجي ويل 7 ڀيڻن جي سڪيلڌي ڀاءَ   حسن  کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے