15 جمعرات , نومبر 2018

مخالف ڊڄي رهيا آهن، بهتر آهي ته سموري ن ليگ کي ئي نااهل ڪري ڇڏيو: مريم نواز

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ مريم نواز چيو آهي ته انفيڪشن ڪنٽرول ٿيڻ کانپوءِ ماءُ جي صحت ۾ بهتري آئي آهي. لنڊن جي هارلي اسٽريٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته هاڻ ماءُ جي طبعيت ۾ گهڻي بهتري اچي وئي آهي پر هوءَ اڃا تائين وينٽي ليٽر تي موجود آهي. دانيال عزيز جي نااهلي بابت ڳالهائيندي مريم نواز چيو ته مخالف اسان جي فتح کان ڊڄي رهيا آهن، بهتر آهي ته توهان سموري ن ليگ کي ئي نااهل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ن ليگ کي نشانو بڻايو پيو وڃي پر اسان کي عوام کان پري نٿو ڪري سگهجي، نواز شريف جو موقف گهر گهر پهچي چڪو آهي، عوام کي خبر آهي ته ووٽ ڪنهن کي ڏيڻو آهي، پاڪستاني قوم جمهوريت لاءِ سٺو فيصلو ڪندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے