15 جمعرات , نومبر 2018

پي ٽي آءِ جي عورت ڪارڪنن جو ٽڪيٽ نه ملڻ تي انوکو احتجاج

پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جون عورتون ٽڪيٽ نه ملڻ تي انوکو احتجاج ڪندي پارٽي اڳواڻ علي امين گنڊا پور لاءِ سڳيون ۽ چوڙيون کڻي آيون. پشاور پريس ڪلب ۾ پي ٽي آءِ جي ڪاوڙيل عورت ڪارڪنن ٽڪيٽ نه ملڻ تي پارٽي اڳواڻ علي امين گنڊاپور تي عورتن جي مخصوص سيٽن تي ڪاروبار ڪرڻ جو الزام مڙهيو. اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر زرين ضيا چيو ته نوشهرا ۾ بااثر شخصيت جي ڊرائيور جي گهرواري کي ٽڪيٽ ڏني وئي، جنهن جو پارٽي سان پري پري تائين ڪو واسطو ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته پارٽي چيئرمين عمران خان ٽڪيٽن جي ورهاست واري معاملي تي نوٽيس وٺي. ڪاوڙيل عورتون پارٽي اڳواڻ علي امين گنڊا پور لاءِ سڳيون ۽ چوڙيون به کڻي آيون. هنن پريس ڪانفرنس دوران علي امين کي سڳيون ۽ چوڙيون پارائڻ جو به اعلان ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان 5 ايراني مغوي گارڊ بازياب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جي ڪوشش سان اغوا ٿيل ايراني گارڊن مان 5 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے