18 اتوار , نومبر 2018

آمريڪا، پاڪستان کي انساني اسمگلنگ جي واچ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ قدم کڻن تي عالمي سطح تي پاڪستان جي درجي بندي ۾ بهتري آئي آهي. آمريڪا جي پرڏيهي کاتي انساني اسمگلنگ جي حوالي سان سالياني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب پاڪستان کي انساني اسمگلنگ جي حوالي سان ٻئي درجي جي واچ لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي. نئين فهرست ۾ پاڪستان جي درجي بندي تي نظرثاني ڪئي وئي آهي. پاڪستان کي واچ لسٽ مان ڪڍي ٻئي درجي ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ پاڪستان جي درجي بندي ۾ 5 ورهين کانپوءِ بهتري آئي آهي. پاڪستان کي لاڳيتو 4 سال ٻئي درجي جي واچ لسٽ ۾ رکيو ويو، ان دوران پاڪستان انساني اسمگلنگ بابت قانون سازي به ڪري ڇڏي. سال 2018 جي رپورٽ ۾ 39 ملڪ پهرين درجي، 81 ملڪ ٻئي درجي ۽ 43 ملڪ ٻئي درجي جي واچ لسٽ ۾ آهن. انساني اسمگلنگ جي حوالي سان 23 ملڪن کي ٽئين درجي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رپورٽ ۾ ليبيا، صوماليا ۽ يمن کي اسپيشل ڪيسز قرار ڏنو ويو آهي. سالياني جائزي رپورٽ ۾ پاڪستان کي ٻئي درجي جي واچ لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي پر هاڻ به پاڪستان ٻئي درجي جي ملڪن ۾ شامل آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے