17 ہفتہ , نومبر 2018

فوج جي نگرانيءَ ۾ به چونڊن تي سوال اُٿيا ته تباهي اچي ويندي: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته هن ڀيري چونڊون فوج جي نگراني ۾ ٿي رهيون آهن، جيڪڏهن هاڻ به چونڊن تي سوال اٿيا ته تباهي اچي ويندي. سکر ۾ صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته اسٽيبلشمينٽ خطرناڪ راند کيڏي رهي آهي، اسٽيبلشمينٽ کي سمجهڻ گهرجي ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي حڪومت نه ملڪ ۾ جمهوريت گهرجي، اسان کان سوال ڪيو پيو وڃي ته ڪهڙا ترقياتي ڪم ڪراياسين؟ ضياءُ الحق ۽ مشرف سان گڏ رهندڙ ڇا ڪيو، اهو به ته پڇو. سندس چوڻ هو ته عمران خان ڪرپٽ ماڻهن کي پارٽي ۾ نه آڻڻ جي دعويٰ ڪئي هئي پر هن 60 سيڪڙو سيٽون ٻين پارٽين جي ماڻهن کي ڏنيون، سندس يوٽرن سان اسان جو مٿو چڪرائجي ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

اعظم سواتي تڪرار: سپريم ڪورٽ جي جوڙيل جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ڪري ورتي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) اعظم سواتي واري معاملي تي قائم ڪيل جي آءِ تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے