19 پیر , نومبر 2018

فرانس ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو، ارجنٽينا جو کيل ختم

ڪازان (اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ جي پهرين ڪوارٽر فائنل ميچ ۾ فرانس جي ٽيم ارجنٽينا کي شڪست ڏئي ٽائيٽل جي ڊوڙ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو. روس ۾ جاري فٽبال ورلڊ ڪپ جي ناڪ آئوٽ مرحلي جي پهرين ميچ ۾ فرانس ۽ ارجنٽينا جون ٽيمون آمهون سامهون ٿيون. فرانس راند جي 12هين منٽ ۾ گول ڪري سرسي حاصل ڪئي، جنهن جي ڪجهه دير کانپوءِ ارجنٽينا گول ڪري مقابلو برابر ڪري ڇڏيو. ارجنٽينا ٻيو گول فرانس کي خساري ۾ وجهي ڇڏيو پر فرانس جي رانديگرن بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 3 گول ڪري ارجنٽينا جي ميچ ۾ واپسي ڏکي بڻائي ڇڏي. اسٽاپيچ ٽائيم ۾ ارجنٽينا ٽيون گول ڪري راند کي ڪجهه دلچسپ بڻايو پر راند پوري ٿيڻ تي ميسيءَ جي ٽيم هڪ گول جي خساري سان ايونٽ کان ٻاهر ٿي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

11 منرل واٽر ڪمپنين جا مالڪ سڀاڻي طلب، نه ٿيڻ تي نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي وارننگ

لاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 11 منرل واٽر ڪمپنين جي مالڪن کي طلب ڪري ورتو، چيف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے