17 ہفتہ , نومبر 2018

نادرا جو حساس رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف، اڳوڻن آفيسرن خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نادرا جو حساس رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ٻه اڳوڻا آفيسر ملازمت تان فارغ ٿيندي ڊيٽا به پاڻ سان گڏ کڻي ويا آهن، جڏهن ته رڪارڊ جي غلط استعمال جي خدشي سبب ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب نادرا جي حساس رڪارڊ جي چوري ۾ ٻه اڳوڻا آفيسر ملوث آهن، جن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. ڊيٽا گم ٿيڻ سان اداري کي رڪارڊ جي غلط استعمال جو خدشو آهي ۽ نادرا اختيارين رٽائر ٿيندڙ اڳوڻي ڊپٽي چيئرمين سيد مظفر علي شاهه ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر شهزاد ڪمال خلاف مقامي ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪرايو آهي. ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مظفر شاهه نادرا جي ملازمت تان فارغ ڪرڻ تي حساس رڪارڊ پاڻ سان گڏ کڻي ويو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڊائريڪٽر به اداري جو ليپ ٽاپ، فليش ڊرائيو ۽ ورڪ اسٽيشن چوري ڪري ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ اڳوڻن آفيسرن وٽان حساس رڪارڊ هٿ ڪرائڻ جو چيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

چيف جسٽس پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ آف ڪميشن کي ختم ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان پنجاب هيلٿ ڪيئر بورڊ ڪيمشن کي ختم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے