15 جمعرات , نومبر 2018

نيوز: ڪنڌڪوٽ : پوليس جي ڪارروائي، ڌاڙيلن جي قبضي مان 2 مغوي آزاد

Kandhkot police action, bandits abducted 2 released from custody* ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ڌاڙيلن جي قبضي مان ٻن مغوين کي آزاد ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي اي ايس پي بابر جاويد جويو چيو ته ڪچي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري پير ڳوٺ جي علائقي نور پور واسي شير محمد ۽ محمد عارب ڦلپوٽي کي آزاد ڪرايو آهي.

هن چيو ته پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ آمهون سامهون فائرنگ ٿي، گهيرو بعد مغوين کي ڇڏي ڌاڙيل فرار ٿي ويا.

سندس چوڻ هو ته ڌاڙيل مختلف ضلعن جي ماڻهن کي عورتاڻي آواز ۾ هرکائي ڪچي گهرائين ٿا، ۽ سندن وارثن کان ڀُنگ طلب ڪن ٿا.

اي ايس پي چيو ته ڌاڙيلن جي ٽولي خلاف سندن آپريشن جاري آهي…..

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم | پروگرام : ڳالهه ٻولهه

جنهن قومن پنهنجي ثقافت کي زندا رکيو، هو زندا رهينديو: حبا عاصم| ڳالهه ٻولهه | …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے