20 منگل , نومبر 2018

شادي نه ڪرڻ تي ڪو افسوس ناهي: تبو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارن ۾ اڄڪلهه جتي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ جو رجحان وڌندو پيو وڃي، اتي ئي وري ناليواري اداڪارا تبو کي ڪو افسوس ناهي ته هن اڄ ڏينهن تائين شادي ڇو ناهي ڪئي. 46 ورهين جي تبو تازو هڪ ايونٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي کانئس ذاتي زندگي ۽ شادي جي حوالي سان سوال ڪيا ويا. جڏهن تبو کان سوال ڪيو ويو ته توهان اڃا تائين سنگل آهيو؟ ته اداڪارا جواب ڏيندي چيو ته ها ۽ مان ڏاڍي خوش آهيان، جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته شادي شدا زندگي بهتر گذرندي يا توهان ائين ئي خوش آهيو؟ ته تبو جو جواب هو مان شادي شدا زندگي جي باري ۾ ڪيئن ٿي ٻڌائي سگهان، مون کي ان جو ڪو تجربو ناهي پر مان اڄ جيئن به آهيان خوش آهيان، مان ته پنهنجي اڪيلائپ بابت ئي ڳالهه ڪري ٿي سگهان، منهنجي ڪڏهن شادي ئي ناهي ٿي ته مون کي ڪهڙي خبر اهو وقت ڪيئن هوندو، سٺو هوندو يا خراب هوندو؟. کانئس سوال ڪيو ويو ته شادي نه ڪرڻ تي توهان کي ڪو افسوس آهي؟ جنهن تي تبو جواب ڏيندي چيو ائين ڪڏهن به ناهي ٿيو. سندس چوڻ هو مون کي اها خبر ناهي ته اڳتي هلي شادي ڪنديس يا نه، اهڙن سوالن جو مون وٽ جواب ناهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جان ابراهم رنوير ۽ دپيڪا جي شادي تي ڳالهائڻ کي فضول سمجهي ٿو…!

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار جان ابراهيم بالي ووڊ جي جوڙي دپيڪا پڊڪون ۽ رنوير سنگھه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے