19 پیر , نومبر 2018

وقت اچي ويو آهي ته قوم ايماندار قيادت جي چونڊ ڪري: سراج الحق

شيخوپورا (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته اڄ وري چئني پاسن کان ساڳيا پراڻا گهوڙا نظر اچي رهيا آهن، هاڻ پراڻن گهوڙن جي سياست نه هلندي. شيخوپورا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته پاڪستان ۾ رڳو ٻه سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿيندو آهي، اڄ ڪشمير ۾ ويڙها ويران ۽ قبرستان آباد ٿي رهيا آهن، اسان جي حڪومتن ڪشمير جي آزادي لاءِ ڪجهه ناهي ڪيو، وقت اچي ويو آهي قوم پنهنجي لاءِ ايماندار قيادت جي چونڊ ڪري. سندس چوڻ هو ته مسئلن جي حل جو واحد رستو انقلاب آهي، اسان پرامن انقلاب آڻڻ چاهيون ٿا.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين پاڪستان ۾ هاڻ برابري جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون، ڊور مور نه ٻڌبو: شهريار آفريدي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي سڀ کان …