18 اتوار , نومبر 2018

نيوز | ٽنڊوجان محمد: فقير مڱڻھار پاڙي جي عورتن مردن پاران پ پ کي ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان

ٽنڊوجان محمد جي ڳوٺ جيئو ڪلوئي جي فقير منڱڻھار پاڙي جي عورتن مردن پيپلز پارٽي کي ووٽ نه  ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي .

ڳوٺاڻن شبير مڱڻهار ۽ ٻين  ٻڌايو ته  هنن سدائين پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏنا پر چونڊيل نمائندن  کين بنيادي سهولتن کان به محروم رکيو .

هنن ٻڌايو ته هن ڀيري وري پ پ  ميرحيات جي پوٽي مير طارق کي ٽڪيٽ ڏني  آهي ڏاڏاي مسئلا حل نه ڪيا ته پوٽو ڇا ڪندو .

هنن چيو ته کين  ٻيون سهولتون ته پري جي ڳالهه پر رڳو پيئڻ جي پاڻي کان به محروم رکيو ويو .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڙي:ٻولهاڙي جي 10ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، احتجاج، ڌرڻو

*ڪوٽڙي سائيٽ ميونسپل  ڪميٽي ٻولهاڙي جي 10  کان وڌيڪ ڪالونين ۾ پيئڻ جي پاڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے