14 بدھ , نومبر 2018

نيوز | وڳڻ:جي يو آءِ جي سڏ تي پاسورٽ آفيس قمبر جي انچارج خلاف احتجاج

وڳڻ ۾ جي يو آءِ جي سڏ تي پاسورٽ آفيس قمبر جي انچارج خلاف احتجاج ڪيو ويو .

جي يو آءِ جي ڪارڪنن عثمان مغيري، صفيان تينو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاسپورٽ آفيس قمبر جو انچارج نظير احمد کونھارو آفيس ۾ ايندڙ ماڻهن سان بداخلاقي ڪري ٿو .

هنن ٻڌايو مدرسي  جي کٿابي عبدالڪريم شيخ کي غير مسلم ۽ غير ملڪي چيو ۽ کيس آفيس مان ٻاھر پڻ ڪڍي ڇڏيو .

کٿابي مدرسي مان تصديق ٿيل سرٽيفڪيٽ ڏيکاريو جنھن بعد سندس پاسپورٽ جا ڪاغذ جمع ڪيا ويا .

ھُنن چيو ته جيڪڏھن کٿابي پرڏيهي آهي ته پوءِ نادار ان کي سڃاڻپ ڪارڊ ڪيئن ٺاهي ڏنو .

هنن گهر ڪئي ته پاسپورٽ آفيس قمبر جي انچارج کي بدلي ڪري ڪنهن سٺي ساک رکندڙ ڪاموري کي مقرر ڪيو وڃي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ملڪي معيشت ۾ پاڪستان جي عورتن جو ڪردار اهم آهي: زبير محمود حيات

چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته پاڪستان بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے