22 جمعرات , نومبر 2018

نيوز |نئون ديرو : هٿياربندن جي گهر مان ڦر لٽ، نوجوان ناري اغوا،  وارثن پاران انصاف جو مطالبو

نئين ديري  ويجهو هٿياربند گهر مان ڦر لٽ ڪرڻ بعد نوجوان ناري کي اغوا ڪري ويا.

ڳوٺ عزت جي وانڍ مان فھميدا ناريجو   کي مبينا طور هٿياربند اغوا ڪري ويا آهن .

ھوڏانھن  عورت جي مڙس ثناءُ الله ناريجي جو چوڻ آھي ته ھو رات گھر کان ٻاھر ھو ته جوابدار سندس زال کي اغوا ڪري ويا.

هن ٻڌايو ته ڦورو سندس  گھر  مان لک رپيا روڪ رقم ، سونازيور ،  ڪپڙا ۽ ٻيو سامان به کڻي ويا آهن.

ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته هو معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن پر ناري پنهنجي مرضي سان وئي آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ميرپورخاص : جيل ۾ قيدر پرا سرار نموني فوت

*ميرپورخاص ۾ ڊسٽرڪٽ جيل اندر 57 ورهين جو قيدي پر اسرار نموني  فوت ٿي ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے