19 پیر , نومبر 2018

نيوز |ڄام صاحب: درگاھ سخي ڄام ڏاتار جي دڪاندارن جو   چونڊ بائيڪاٽ ، ووٽ نھ ڏيڻ جو اعلان

ڄام صاحب ۾  درگاھ سخي ڄام ڏاتار جي دوڪاندارن  اليڪشن جو بائيڪاٽ  ڪندي ووٽ نه ڏيڻ اعلان ڪري ڇڏيو انتظاميا پاران روزگار کسڻ خلاف احتجاج  ڪيو ويو .

شھيد بينظير آباد جي شهر ڄام صاحب جي رھواسين  اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڪارا جھنڊا کڻي احتجاج ڪيو .

درگاھ سخي ڄام ڏاتار جي دڪاندارن ڏيڊ سال کان گيٽ نه کلڻ ڪري 72  خاندان فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبورآهن .

دڪاندارن  اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جو اعلان ڪندي  ڪارا جنهڊا کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري  دڪاندانن تي ڪارا جهنڊا ھڻي ڇڏيا

شان وسطڙو،  آفتاب وسطڙو ، خير محمد ڏاھري ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته جيڪو  هنن  کي گيٽ کولرائي ڏيندو انهي کي  هو ووٽ ڏيندا.

ھنن چيو ته هو ابن ڏاڏن کان پيپلزپارٽي کي ووٽ ڏيندا پيا اچن پر اڃا تائين دڪانن جو مسئلو حل نه ٿيو  آهي .

هنن مطالبو ڪيو  ته ترت  درگاهه جو دروازو کوليو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: احڪومت جا 100 ڏينهن 100 ڪوڙ تي ٻڌل آهن: آصف زرداري جو ترجمان

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ترجمان عامر فدا پراچا چيو آهي ته فواد چوڌري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے