14 بدھ , نومبر 2018

نيوز |سيتا:  انتظاميا جي بي ڌياني سبب گندگي جي ور چڙهيل ،  شهري عذاب ۾مبتلا، احتجاج

سيتا شهر انتظاميا جي بي ڌياني سبب گندگي جي ور چڙهيل آهي جنهن ڪري شهري سخت اذيت مان گذري رهيا آهن .

شهر ۾ ڪا به صفائي سٿرائي نه ٿي سگهي آهي.

ٻڌايو پيو وڃي تھ  من پسند ماڻھن جي گهٽين ۽ بنگلن  تي سوئيپر مقرر ڪيا ويا آهن جڏهن تھ  لڳ ڀڳ 80 هزار آبادي رکندڙ شھر ننڌڻڪو بڻيل آهي .

شهر جون ناليون ابتيون وهڻ ڪري  نالين جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي .

شهر جي ميمڻ پاڙي ، عطا محمد خاصخيلي پاڙي،  اسٽيشن روڊ،ڪميونٽي سينٽر گرائونڊ،سيال محلا، ريشم گهٽي، مک شاهي بازار سميت شهر جا اڪثر علائقا گندگي جي ور چڙهيل آهن .

شھرين عبدالرحمان ٻگهيو، راجه چنه، مرتضيٰ لاکو، ساجد سولنگي، غلام سرور سولنگي ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته شھر، شھر نه  پر گند گڏ ڪرڻ جو مرڪز بڻجي ويو آھي .

هنن مطالبو ڪيو ته ترت شهر جي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| حيدرآباد: ڊاڪٽرن کي بنا سهولتن جي ٿر بدلي ڪيو پيو وڃي: ڊاڪٽر اڳواڻ

حيدرآباد ۾ پاڪستان  ميڊيڪل ايسوسي ايشن حيدرآباد جي صدر  رفيق الحسن کوکر چيو آھي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے