11 منگل , دسمبر 2018

نيوز: ڪراچي: ايس اين پي پاران امير ڀنڀري جي آزادي لاءِ ريلي

Karachi: SNP rally for the release of Amir bhanbhroڪراچي ۾ سنڌ نيشنل پارٽيءَ پاران کنڀي گم ڪيل پارٽي چيئرمين امير ڀنڀري جي آزادي لاءِ ريلي ڪڍي وئي.

ايس اين پي وائيس چيئرمين رمضان بليدي، سائين بخش بنگلاڻي ۽ امير ڀنڀري جي وارثن سميت وڏي انگ ۾ ڪارڪنن ڪينٽ اسٽيشن کان ريلي ڪڍي ته گورنر هائوس تي پوليس جي وڏي نفري کين روڪيو، جنهن بعد ريلي پريس ڪلب تائين ڪڍي وئي.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو پارٽي چيئرمين جي آزايءَ لاءِ پرامن احتجاج ڪري رهيا آهن، پر پوليس انتظاميه کانئن پرامن احتجاج جو به حق کسي رهي آهي.

هنن چيو ته 9 ڏينهن گذرڻ باوجود امير ڀنڀري کي آزاد نه ڪرڻ انساني ۽ آئيني حقن جي لتاڙ آهي.

سندن چوڻ هو ته سندن پارٽي چيئرمين امير ڀنڀري تي ڪيس آهن ته پوءِ قانون موجب کيس عدالت آڏو ڇو ظاهر نٿو ڪيو وڃي.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پارٽي چيئرمين امير ڀنڀري کي ترت آزاد ڪن، نه ته هو سخت احتجاج ڪندا…………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺ ٻٽڙا جي ڊسپينسري جي نئين عمارت کنڊرات ۾ تبديل

چيلھار ڀرسان ڳوٺ ٻٽڙا ۾ صحت جون سھولتون اڻلڀ ٿي ويون، نئين ٺاھيل ڊسپينسري واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے