20 ہفتہ , اکتوبر 2018

نيوز: دولتپور صفن: ڳوٺاڻن پاران مقتول شاگرد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي

doultpur Safan: Protestant Riley protest for the arrest of the murderers of the deceased studentدولت پور صفن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڳوٺاڻن پاران مقتول شاگرد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

مقتول شاگرد سجاد جوکيو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم اڳواڻ نظير ڏاهري، پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر عبدالوحيد ۽ شهري اتحاد جي روشن سومري سميت ٻين شهر جي مختلف هنڌن کان ريلي ڪڍي مين روڊ تي ڌرڻو هنيو.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته مقتول شاگرد سجاد جوکيو جي قتل کي 54 ڏينهن گذري ويا آهن، پر مقتول جا قاتل گرفتار نه ڪيا ويا آهن.

هنن الزام هنيو ته قتل ڪيس ۾ مُک جوابدار اڳوڻي اي-ايس-آءِ جي عدالت ضمانت رد ڪئي ته نوابشاھ پوليس کيس پروٽوڪول ۾ فرار ڪرائي ڇڏيو.

هنن چيو ته گرفتار اڳوڻي ايس،ايڇ،او سرور زرداري کي جيل انتظاميا رات جو گهر وٺي ٿي وڃي، جيڪا ناانصافي آهي، جنهن خلاف هو احتجاج ڪن پيا.

اڳواڻن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مقتول شاگرد جا قاتل گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏين، نه ته هو احتجاجي دائرو وڌائيندا……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ ۾ بجلي جو ڇا ٿيو؟ واپڊا وارا چاهين ڇا ٿا؟ رهواسي نڪتا ڇو روڊن تي ؟؟ اوهان ٿيندو پريشان؟

چمبڙ  ۾ ڳوٺ محمد حسن دل جي رهواسين 15 ڏينھن کان بجلي ڪاٽڻ تي حيسڪو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے