15 جمعرات , نومبر 2018

پاڪستان ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارت حوالي ڪري ڇڏيا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اختيارين ڀارتي قيدين جي فهرست ڀارت حوالي ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل موجب 471 ڀارتي پاڪستاني جيلن ۾ قيد آهن، جن بابت فهرست ڀارت حوالي ڪئي وئي آهي. ڀارتي قيدين ۾ 418 مهاڻا ۽ 53 سول قيدي آهي. ڊاڪٽر فيصل جو چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ هر سال ٻه ڀيرا قيدين بابت فهرست جي ڏي وٺ ٿيندي آهي. ڀارتي حڪومت به پاڪستاني قيدين جي فهرست اسان جي حوالي ڪندي. ٻئي ملڪ معاهدي تحت سال ۾ ٻه ڀيرا پهرين جنوري ۽ پهرين جولاءِ تي قيدين جي فهرست هڪٻئي حوالي ڪندا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي هئڻ جي حيثيت سان فواد چوڌري کي صلاحون ڏيندو رهندو آهيان: صدر عارف علوي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) ملڪ جي صدر عارف علوي جو چوڻ آهي وڏو هئڻ جي حيثيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے