21 بدھ , نومبر 2018

فلم ”سنجو“ جي ڪمائي جا نوان ريڪارڊ قائم

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ راج ڪمار هيراني جي هدايتڪاري ۾  ٺهيل فلم ”سنجو “ جي رليز ٿيڻ کان پوءِ  تيزي سان ڪمائي جاري آهي. جڏهن ته  بالي ووڊ جي اداڪار سنجو بابا جي زندگي تي ٺهيل فلم جي مداحن کي بي صبري سان انتظار هو، ٽيزر ۽ ٽريلر کان پوءِ اداڪار رنبير ڪپور جي ادا ڪاري مداحن کي خوب محظوظ ڪيو جنهن کان پوءِ  فلم جو انتظار وڌيڪ وڌي ويو 3 ڏينهن  پهريان رليز ٿيندڙ  فلم جو جوتيزي سان بزنس جاري آهي ،جڏهن ته 3 ڏينهن تائين فلم 73 ڪروڙ ڪمائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آهي جيڪا جلد 100 ڪروڙ ڪلب داخل ٿي ويندي. فلم پهرين ڏينهن 38 ڪروڙ  ڪمايا جيڪي هلندڙ سال 2018 ۾ پهرين ڏينهن وڌيڪ بزنس ڪرڻ واري فلمن ۾ شامل ٿي وئي جڏهن ته فلمسنجو سلمان خان جي فلم ريس 3 کي به پوئتي ڇڏيو ڏنو  جنهن رليز جي پهرين ڏينهن 29 ڪڙوڙ 17 لک ڪمايا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

راکي ساونت، تنوشري دتا کان معافي وٺي ڇڏي

ممبئي (شوب نيوز)بالي ووڊ جي آئٽم گرل راکي ساونت اداڪارا تنوشري دتا کان معافي گهري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے