17 ہفتہ , نومبر 2018

مستقبل بابت سوال، رونالڊو خاموشي اختيار ڪري ورتي

The future question, Ronaldo, was finally silentسوچي(اسپورٽس نيوز) فٽبال عالمي ڪپ مان ٻاهر ٿيندر پرتگالي ٽيم جي اسٽار ڪرسٽيانو رونالڊو مستقبل جي فيصلي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي. چوٿون ڀيرو ميگا ايونٽ ۾ شرڪت ڪندڙ رونالڊو جي ٽيم گذريل ڏينهن عالمي ڪپ  جي پري ڪوارٽر فائنل ۾ يورگائي کان 1-2 تان هارائڻ بعد ٽائٽل جي ڊوڙ مان ٻاهر ٿي وئي، فاتح ٽيم طرفان ٻئي گول ايڊنسن ڪيواني اسڪور ڪيا، ميسي جيان رونالڊو پڻ ٽيم لاءِ ان مقابلي ۾ ڪو به گول اسڪور نه ڪري سگهيو، پرتگالي مداح ٽيم جي شڪست  لڙڪ لاڙي ويٺا.  ان موقعي تي رونالڊو مداحن کي سيليوٽ ڪري سندن همت وڌائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي، رونالڊ 2022 ۾ شيڊول ايندڙ عالمي ڪپ جي موقعي تي 37 ورهين جو ٿي ويندو، جڏهن ته پنهنجي عالمي ڪيريئر کي جاري رکڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته هي وقت رانديگرن ۽ ڪوچن جي مسقبل جي باري ۾ ڳالهيون ڪرڻ جو وقت ناهي. هن چيو ته اسان وٽ بهترين رانديگر موجود آهن ۽ هو گهڻو ڪجهه حاصل ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا، اميد آهي ته ايندڙ وقت ۾ اسان جي ٽيم بدستور مضبوط رهندي، پرتگال موجودا يورپيئن چيمپئن پڻ آهي. رونالڊو ميگا ايونٽ ۾ 4 گول اسڪور ڪري ٻئي نمبر تي موجود آهي جڏهن انگلش ڪپتان هيري ڪين 5 گول اسڪور ڪري لاڳيتو ٽاپ پوزيشن تي موجود آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڪي عالمي ڪپ: پاڪستان رانديگرن کي ويزائون جاري، ڪوچ اوسيئڙي ۾

 لاهور ( اسپورٽس نيوز ) هلندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ هاڪي عالمي ڪپ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے