15 جمعرات , نومبر 2018

ٽڪيٽ تي بيان حلفي جو معاملو، عمران خان 4 جولاءِ تي اليڪشن ڪميشن ۾ طلب

NA 243: Insert objections on Imran Khan's nomination papersاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ٽڪيٽ تي بيان حلفي بابت درخواست تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي4 جولاءِ تي طلب ڪري ورتو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ تحريڪ انصاف ۾ ٽڪيٽ جي درخواست ڏيندڙن کان بيان حلفي وٺڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست تحريڪ انصاف جي ٽڪيٽ جي اميدوار ملڪ منير داخل ڪئي جنهن جي وڪيل بئنچ جي روبرو موقف اختيار ڪيو ته تحريڪ انصاف اميدوارن کان غير قانوني حلفي بيان ورتو ۽ ٽڪيٽ نه ملڻ تي پارٽي ڇڏڻ ۽ آزاد حيثيت سان چونڊ وڙهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.  ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن پنجاب جي ميمبر الطاف ابراهيم قريشي چيو ته سياسي پارٽي جي ٽڪيٽ سندس شرطن تي ئي ملندي آهي، ڇا اهڙو بيان حلفي ٻين پارٽين به ورتو آهي. درخواستگذار جي وڪيل  چيو ته سموريون سياسي پارٽين اهڙي نموني حلف وٺي رهيون آهن، جيڪو غير قانوني آهي ۽ ڪنهن پارٽي جي منشور جو حصو ناهي، سياسي پارٽي ڪنهن کي آزاد اليڪشن وڙهڻ کان روڪي نه ٿي سگهي. اليڪشن ڪميشن درخواستگذار جي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي 4 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ روزگار جي فراهمي پهرين ترجيح آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نوجوانن کي تعليم، صحت ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے