11 منگل , دسمبر 2018

آمريڪا ۾ تقريب دوران چاقو جي حملي ۾ غيرملڪين سميت 9 ڄڻا زخمي

During the US tournament, nine people were injured including non-Muslims in a knife attackواشنگٽن(ويب ڊيسڪ) آمريڪي رياست ايڊاهو ۾ سالگرهه تقريب ۾ چاقو بردار جي حملي ۾ غير ملڪين سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايڊاهو ۾ پناهگيرن جي ڪيمپ ۾ تقريب دوران هڪ شخص انڌا ڌنڌ چاقن جي واري ڪرڻ شروع ڪري ڏنا. پوليس ٻڌايو ته حملو ٽن ورهين جي ٻارڙي جي سالگرهه  جي تقريب دوران ڪيو ويو، واقعي ۾ 9 ڄڻا زخمي ٿيا آهن جن ۾ 6 ٻارڙا پڻ شامل آهن. پوليس فوري طور تي ڪاروائي ڪندي حملو ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن جي سڃاڻپ ٽمي ارل ڪنر جي نالي سان ٿي آهي، رضا ڪارن زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو جتي زخمين جي حالت خطري کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. زخمين جو تعلق ايٿوپيا، عراق ۽ شام سان ٻڌايو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته اهو نسل پرستاڻو حملو ناهي پر واقعي بابت ڄاڻ ناهي ملي سگهي ته جوابدار اهو ڪم ڇو  ڪيو جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڇا برطانوي وزيراعظم بريگزٽ ووٽنگ ملتوي ڪرڻ چاهي ٿي؟

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي وزيراعظم ٿريسا مي بريگزٽ معاهدي جي حوالي سان پارلياماني ووٽنگ ملتوي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے