18 اتوار , نومبر 2018

پيپلز پارٽي بلوچستان جو صدر علي مدد جتڪ چونڊن لاءِ نااهل قرار

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ پ پ بلوچستان جي صدر علي مدد جتڪ کي عام چونڊن لاءِ  نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس نذير لانگو تي ٻڌل بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي بئنچ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. عدالت رٽرننگ آفيسر ۽ اپيلٽ ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو. اپيلٽ ٽربيونل رٽرننگ آفيسر جو علي مدد جتڪ جا نامزدگي ڪاغذ رد ڪرڻ بابت فيصلو بحال رکيو هو جنهن تي علي مدد جتڪ اپيلٽ ٽربيونل جي فيصلي کي هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو.  عدالت گذريل ٻڌڻي تي علي مدد جتڪ جي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. علي مدد جتڪ ماضي ۾ جعلي ڊگري ڪيس ۾ سزا مليل آهي ۽ مٿس مختلف ڪيس به داخل ٿيل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سپريم ڪورٽ جو ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي سرڪلر ريلوي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے