20 منگل , نومبر 2018

نيوز: قمبر: ڳوٺ راڌو خان مغيري جي رهواسين جو   نوجوان ناري  کي اغوا ڪرڻ خلاف احتجاج

Qambar: Protest against kidnapping young lady by residents of village Radhu Khan Mugheri*قمبر جي ڳوٺ راڌو خان مغيري جي رهواسين پاران  نوجوان ناري  کي اغوا ڪري زبردستي شادي ڪرائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن شاهد مغيري، ديدار حسين سيال، رئيس امام الدين مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن چيو ته ڏھ ڏينهن اڳ الاهي بخش مغيري عرف مولائي نوجوان نياڻي شڪيلا کي اغوا ڪري ويو.

 هنن ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس به قمبر جي سٽي ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو آهي پر پوليس ڪو به تحرڪ نه ورتو آهي.

 هنن ٻڌايو ته جوابدار نياڻي کي ورغلائي ساڻس ڪورٽ ۾ پرڻوڪيو آهي .

هنن ايس ايس پي قمبر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي مداحن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے