21 بدھ , نومبر 2018

فاٽا ۾ 25 جولاءِ تي صوبائي اسيمبلين جي چونڊ ڪرائڻ جي نظرثاني جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن فاٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي چونڊ عام چونڊن سان ڪرائڻ جي نظرثاني درخواست به رد ڪري ڇڏي آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن جي پنج رڪني بئنچ متحده قبائل پارٽي جي فاٽا ۾ به 25 جولاءِ تي صوبائي اسيمبلين جي چونڊ ڪرائڻ جي نظرثاني درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٽنهي درخواستگذارن طرفان بئريسٽر فروغ نسيم اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجي دليلن ۾ موقف اختيار ڪيو ته فاٽا ۾ صوبائي چونڊن بابت تڪبندين لاءِ 2 مهينا گهرجن، عام چونڊن ۾ جيڪڏن دير ٿي ته ڪو به عيب  ناهي.  اليڪشن ڪميشن دليل مڪمل ٿيڻ متحده قبائل پارٽي جي درخواست رد ڪري ڇڏي. اليڪشن ڪميشن ڪوڙين درخواستن تي به فيصلو ٻڌايو ته سينيٽر هدايت الله، برگيڊيئر رٽائرڊ قيام ۽ عدنان خان جي نالي تي ڪوڙيون درخواستون داخل ڪيون ويون آهن، ڪوڙيون درخواستون داخل ڪندڙن خلاف درخواستگذار ڪيس داخل ڪرائين ۽ ڊي جي لا به اليڪشن ڪميشن طرفان شڪايت داخل ڪرائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اجمل قصاب ڀارتي شهري آهي، ڊوميسائيل سامهون اچڻ تي انتظاميه پريشان

نئي دهلي (ويب ڊيسڪ) اجمل قصاب جو پاڪستاني هجڻ جو ڀارتي دعوديٰ ڪوڙ نڪتو، ممبئي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے