17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: نواب ولي محمد: پاڻي جي کوٽ خلاف دولتپور شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن جو احتجاج

Nawab Wali Muhammad: Protestant protesters of Dhanpurpur branch question against water supply* نواب ولي محمد ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف دولتپور شاخ جي پڇڙي جي آبادگارن ۽ ڪڙمين پاران احتجاج ڪيو ويو .

آبادگارن خميسو خان ڀنڊ ، انور علي ٻگهيو،  ظفر علي چانڊيو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو .

آبادگارن خطاب چيو ته دولتپور شاخ جي پڇڙي ۾ 26 سالن کان پاڻي ناهي آيو ٻن مهينن کان احتجاج ڪيو پيو وڃي پر ڪامورن جي ڪن تي جونءِ به ڪانه ٿي سري.

هنن چيو ته دولتپور شاخ ۾ منڍ جا بااثر زميندار  ايريگيشن عملدار جي ملي ڀڳت سان پڇڙيءَ جي حصي جو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن.

 هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب سندن زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن ۽ چوپايو مال توڙي پکي اڃ مري رهيا آهن .

 هنن مطالبو ڪيو ته کين ترت پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو ……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ پاران گهوٽڪي ڪينال جو معائنو

ڏھرڪي ويجهو ايريا واٽر بورڊ ۽ ايم ڊي سيڊا ولي محمد نائچ گهوٽڪي ڪينال پهچي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے