19 پیر , نومبر 2018

ٽي ملڪي سريز: ڪينگروز گرين شرٽس کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي

tri nation series: Kangrooz beat Green Shares from 9 wickets

هراري(اسپورٽس نيوز) ٽي ملڪي ٽي ٽوئنٽي سريز جي ٻي ميچ ۾ ڪينگرو پاڪستان کي آئوٽ ڪلاس ڪندي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان پهريان بيٽنگ ڪندي آسٽرليا کي 117 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ڪينگرو ڪرڪيٽ ٽيم 10 هين اور ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ورتو. زمبابوي جي هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڪينگرو ڪپتان ايرون فنچ ٽاس کٽي پهريان فليڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ۽ سموري ٽيم 19.5اورن ۾ 116 رنسن ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي گرين شرٽس طرفان محمد حفيظ ۽ فخر زمان اننگز جي شروعات ڪئي. اننگز جي شروعات ۾ پاڪستان بيٽنگ لائن دٻاءُ جو شڪار رهي ۽رڳو 24 رنسن جي مجموعي اسڪور تي 4 رانديگرن پولين روانا ٿي چڪا هئا جن ۾ محمد حفيظ ٻڙي، حسين طلعت10، فخر زمان 6 ۽ ڪپتان سرفراز احمد 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. شعيب ملڪ جو سفر به 13 رنسن تائين محدود رهيو ۽ آصف علي به 22 رنسن شاداب خان مزاحمت جي ڪوشش ڪئي هو سڀ کان وڌيڪ 23 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. فهيم اشرف 21، محمد نواز 6 ۽ حسن علي 0 تي آئوٽ ٿيو آسٽريليا جي طرفان بلي اسٽينلڪ چئن اورن ۾ 8 رنسن عوض 4 وڪيٽون حاصل ڪيو جڏهن اينڊرو ٽائي 3، مارڪس اسٽونيس ۽ جي رچرڊسن هڪ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.آسٽريليا گرين شرٽس طرفان مليل 117 رنسن جو  ٽارگيٽ 10.5 اورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي پورو ڪري ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. آسٽريليا طرفان ڪپتان ايرون فنچ ناٽ آئوٽ 68 رنسن جي شاندار  اننگز کيڏي ٻين رانديگرن ۾ هيڊ 20 رنسون ٺاهي ناٽ اڳڀرو رهيو آسٽريليا جو  واحد آئوٽ ٿيندڙ بيٽسمين ڊ آر سي شارٽ هو جيڪو حسن علي جي بال تي 15 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو شاندر بالنگ ڪارڪردگي تي بلي اسٽينلڪ کي مين آف ميچ قرار ڏنو ويوآسٽريليا خلاف ميچ ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪهڙي به نمبر تي موڪليو وڃي سو سيڪڙو ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان: بابر اعظم

لاهور (اسپورٽس نيوز ) ٽيل اينڊرز جي ساٿ ڇڏي وڃڻ تي بابر اعظم مايوسي جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے