21 بدھ , نومبر 2018

ڪراچي: واٽر ڪميشن جي سربراهه انڊسٽرين کي ٽريٽمنٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ 3 ميهنن جي مهلت ڏئي ڇڏي

KARACHI: The Chief Minister of Water Commission, to cancel 3 million rupees for the construction of antitridge plantڪراچي(ويب ڊيسڪ) واٽر ڪميشن جي سربراهه جسٽس (ر) امير هاني مسلم انڊسٽرين کي ٽريٽمنٽ پلانٽ لڳائڻ لاءِ 3 مهينن جي مهلت ڏيندي تحريري حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. واٽر ڪميشن جي سربراهه طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ٽن مهينن ۾ ٽريٽمنٽ پلانٽ نه لڳايا ويا ته انڊسٽريون سيل ڪيون وينديون جڏهن ڪميشن پاڻي جي فراهمي ۽ ٽريٽمنٽ پلانٽ فعال بڻائڻ بابت توانائي واري وفاقي سيڪريٽري کي ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو. اڄ ٻڌڻي دوران واٽر ڪميشن ۾ ڊيفنس هائوسنگ اٿارٽي(ڊي ايڇ اي) سميت 35 کان وڌيڪ صنعتي انتظاميا پيش ٿيون، ان موقعي ته ڊي ايڇ اي جي طرفان ٽريٽمنٽ پلانٽ بابت ورڪ پلان ۽ حلفي بيان پڻ جمع ڪرايو ويو. حلفي بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊيفنس فيز 5، 6 ۽ 8 جو پاڻي اپريل 2019 بعد بنا ٽريٽمنٽ جي سمنڊ ڇوڙ نه ڪيو ويندو. جنهن تي واٽر ڪميشن جي سربراهه حڪم ڏنو ته ڊي جي پورٽ قاسم سيورج لائن يقيني بڻايو ۽ سيوريج لائن موجود ناهي ته 2 مهينن ۾ لائن وڇائي وڃي. واٽر ڪميشن جي سربراهه بلديه سيڪٽر 4 بسم الله چوڪ تي عوامي ٽينڪ هڪ هفتي ۾ لڳائڻ جو به حڪم ڏنو

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان طرفان ڪشميري اڳواڻ حفيظ الله مير جي شهادت تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس تحريڪ حريت ڄمون ۽ ڪشمير جي سينيئر اڳواڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے