18 جمعہ , جنوری 2019

نيب ٽيم شهباز شريف جي 5 جولاءِ تي طلبي جو نوٽيس سندس گهر ڏانهن موڪلي ڇڏيو

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب ٽيم شهباز شريف جي 5 جولاءِ تي طلبي جو نوٽيس سندس گهر ڏانهن موڪلي ڇڏيو جڏهن ته فواد حسن طلب ڪري ورتو. نيب لاهور پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ 5 جولاءِ تي طلب ڪيو آهي جڏهن ته ساڳي اسڪينڊل ۾ راولپنڊي جي تڪ اين اي 59 تان چوڌري نثار جي مقابلي ۾ مسلم ليگ ن جي اميدوار قمر الاسلام کي به نيب گرفتار ڪيو آهي، قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف کي پنجاب پاور ڪمپني اسڪينڊل ۾ 5 جولاءِ تي طلب ڪري رکيو آهي جنهن جي لاءِ نيب ٽيم نوٽيس موڪلي ڇڏيا آهن.  ذريعن موجب نيب جي ٽيم شهباز شريف جي طلبي جو نوٽيس وٺي لاهور ۾ سندس گهر پهتي جتي ٻاهر ئي نوٽيس ڏئي ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهانا ۾ صحافي گوليون هڻي قتل

آڪرا (ويب ڊيسڪ) گهانا ۾ هڪ انڊر ڪور صحافي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے