21 بدھ , نومبر 2018

پيپلز پارٽي بلوچستان جو صدر علي مدد جتڪ اليڪشن جي لاءِ نااهل قرار

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) بلوچستان هاءِ ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي ( پ پ پ ) جي صوبائي صدر علي مدد جتڪ کي عام چونڊ 2018 جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس نذير لانگا تي ٻڌل بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي بينچ فيصلو ٻڌايو. عدالت عاليه ريٽرنگ آفيسر ۽ اپيلٽ ٽريبونل جو فيصلو برقرار رکندي علي مدد جتڪ کي اليڪشن جي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو. واضح رهي ته ريٽرننگ آفيسر علي مدد جتڪ جا نامزدگي وارا ڪاغذ رد ڪري ڇڏيا هئا، جنهن تي هن ايپلٽ ٽريبونل ۾ اپيل داخل ڪئي. پر ايپلٽ ٽريبونل به ريٽرننگ آفيسر جو فيصلو برقرار رکيو، جنهن تي علي مدد جتڪ ٽريبونل جي فيصلي جي خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت احتجاج تي آمريڪي اختيارين جو پاڪستان سان رابطو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي پاڪستان جي سخت رد عمل ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے