19 پیر , نومبر 2018

آرمي چيف سان گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري امن مشن جي ملاقات

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل امن مشن ملاقات ڪئي ۽ پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيو. پاڪ فوج جي شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان جي ايڇ ڪيو ۾ گڏيل قومن جي انڊر سيڪريٽري جنرل امن مشن جين پيري ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب معزز مهمان پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيندي چيو ته امن مشن ۾ پاڪ فوج جي قربانين جي قدر ڪيون ٿا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستان امن مشن جي لاءِ سڀ کان وڌيڪ فوج فراهم ڪندڙ ملڪ آهي، پاڪستان گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺان عالمي امن ۽ امن مشن جي لاءِ ڪردار ادا ڪندو رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنهن مقصد لاءِ قربانيون ڏنيون ان کي حاصل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو آهي ته هاڻ اسان هائبرڊ عسڪريت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے