16 جمعہ , نومبر 2018

نيوز: ڪوٽڙي: پي ٽي آءِ پاران ڄامشورو اتحاد کان بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو

Kotri: PTI by the PML-N Jamshoro alliance ڪوٽڙي پي ايس 82  جي اميدوار ۽ پي ٽي آءِ ضلعي صدر اميدوار ملڪ پهاڙ خان ڄامشورو اتحادسان بائيڪاٽ ڪري اين اي 233 تان هٿ کڻي ويو.

ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ملڪ پهاڙ اعلان ڪيو ته پي ٽي آءِ ڄامشوري جي ڪنھن به تڪ تي ڄامشورو اتحاد جي حمايت نه ڪندي.

هن چيو ته مرڪزي اڳواڻ لياقت جتوئي پاران ڄامشورو اتحاد جي حمايت واري فيصلي  کي هو رد ڪن ٿا، فيصلو ميرٽ تي ناهي ٿيو.

سندس چوڻ هو ته ڄامشور اتحاد بدران ملڪ چنگيز خان ۽ ڊاڪٽر سڪندر جي حمايت ڪندا، پي ايس 80 سيوهڻ تي اميدوار بيهارڻ جو فيصلو پارٽي قيادت ڪندي.

هوڏانهن ڊاڪٽر علوي جي ھدايت تي ملڪ پھاڙ خان اين اي 233 تان ھٿ کڻي ڇڏيو، جنهن بعد ساڳئي تڪ جو اميدوار سيد جلال محمود شاهه هوندو……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:پکو: سيارو اچڻ بعد مڇي جو واهپو وڌي ويو

* اتر جو واءُ لڳڻ ۽ سياري جي ٿڌ شروع ٿيڻ شرط ئي پکي شھر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے