17 ہفتہ , نومبر 2018

نيب سنڌ ۾ پاڻي جي منصوبن ۾ ڪرپشن جي جاچ جو آغاز ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) نيب چيئرمين ٿرپارڪر، مٺي ۽ ڇاڇري ۾ پاڻي جي منصوبن ۾ مبينا گهوٻين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال ٿرپارڪر، مٺي ۽ ڇاڇري ۾ صاف پاڻي جي فراهم جي منصوبن ۾ گهوٻين جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن بعد نيب پڌرائي جاري ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت من پسند ڪمپني (پاڪ اووراسسز) کي 450 آر او پلانٽ لڳائڻ جو ٺيڪو ڏنو ۽ منصوبي جي طئي ٿيل رقم 5 ارب رپيا به ادا ڪري ڇڏي هئي  جڏهن ته ڪمپني هن وقت تائين چند ئي پلانٽ لڳايا ۽ اُهي به مڪمل طور تي فعال ناهن ٿيا جڏهن ته لڳايل ڪيترائي آر او پلانٽ سار سنڀال نه ٿيڻ جي ڪري بند ٿي ويا. نيب پڌرائي موجب نيب چيئرمين ٿر ۾ آر او پلانٽ جو پاڻي ٽينڪرن کي وڪرو ڪرڻ جو به نوٽيس ورتو آهي جڏهن ته نيب چيئرمين حڪم ڏنو ته جاچ ڪئي وڃي ته آر او پلانٽن جو منصوبو مڪمل ٿيڻ کان اڳ ئي ڪمپني کي سڄي رقم ڪيئن ۽ ڇو ادا ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي ڊي اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اياز خان گم ٿيڻ جي ترديد ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اسلام آباد مان پراسرار نموني گم ٿيل سي ڊي اي جي ڊپٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے